ترقياتي  ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال،ٺيڪيدار خلاف احتجاج

ترقياتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال،ٺيڪيدار خلاف احتجاج

ڊرگه بالا: (ن سنڌ يار)ڳوٺ بازمال کوسو ۾ ترقياتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٺيڪيدار ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪري ويو سي سي بلاڪ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري سي سي بلاڪ اکڙي ويو ڳوٺاڻن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪيو انھن ٻڌايو ته ڳوٺ بازمال کوسو جي ترقياتي اسڪيم جيڪا ڪجهه ڪروڙين جي ٻڌائي پئي وڃي جنهن۾ ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪري ڪروڙين جي ڪرپشن ڪئي آهي ڳوٺ۾ سي سي بلاڪ ڪلھ مڪمل ٿيو ۽ اڄ اکڙي ويو آهي احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي ٺيڪيدار جي به خبر نه پئجي سگهي ته ٺيڪيدار کير آھي ٺيڪيدار سي سي بلاڪ ۾ ڏھ ٽراليون واري جون ھڪ ٻوري سيمينٽ استعمال ڪئي جڏهن ته اسان ڪم روڪرائڻ لاءِ دانھون ڪندا رهنداسين پر اسان جي ڪنهن نه ٻڌي ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ سي سي بلاڪ جي ٺيڪيدار جي ڪرپشن جي فورن ڪارروائي ڪئي وڃي احتجاج ڪندڙن ڊي سي دادو چيف جسٽس نيب چيئرمين ۽ اينٽي ڪرپشن ٽيم۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو