ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ اپوزيشن پارٽين ترقياتي منصوبن کي صوبائي بجيٽ جو حصو نه بڻائڻ کي حڪومت جي نااهلي قرار ڏيندي ڪوئٽا، چاغي، واشڪ، خاران ۽ نوشڪي سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۽ علائقن ڏانهن ويندڙ قومي شاهراه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. صوبائي اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن تجويز ڪيل ترقياتي منصوبا بجيٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا ته اهي اسيمبلي جي عمارت جو گهيراءُ ڪندا ۽ ڪنهن به ميمبر کي عمارت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا. گذريل ٽن ڏينهن کان بلوچستان اسيمبلي جي ٻاهران اپوزيشن ليڊر احتجاج ڪري رهيا آهن. ايڊووڪيٽ ملڪ سڪندر چيو ته اسان جو ڌرڻو 24 ڪلاڪ جاري آهي.










