ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ۽ پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ واري کاتن جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي رفتار ۾ تيزي ڪئي وڃي، ڪنهن به ترقياتي منصوبي جي مڪمل ڪرڻ ۾ ٻاهريون دٻاءُ يا اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، مڪمل ٽرانسپرنسي سان گڏ سمورن معاملن کي سرانجام ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي آفيس ۾ ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ حوالي سان منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ مڪاني کاتي جو سيڪريٽري سيد نجم احمد شاهه سميت واٽر بورڊ، ڪي ڊي اي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن پڻ شريڪ ڪئي. ان موقعي تي مڪاني کاتي سنڌ کي بريفنگ ڏيندي مڪاني کاتي جو سيڪريٽري سيد نجم احمد شاهه ٻڌايو ته ساليانه ترقياتي اسڪيمن کي تازه ترين انگ اکرن جي مطابق لوڪل گورنمينٽ ونگ جي انتظام هيٺ 264 ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي جنهن جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. سيد نجم احمد شاهه سنڌ جي مڪاني واري وزير کي آگاهه ڪيو ته ترقياتي سال 2021-2022 ۾ ٽوٽل 291 اسڪيمون مختص ڪيون ويون آهن جنهن جو 29 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير انجنيئر سيد نجم احمد شاهه جي سوال تي ٻڌايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل پروجيڪٽ تحت S-III ۽ K-IV منصوبن تي ڪم جاري آهي جنهن جو 61 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪراچي ميگا اسڪيمن جي حوالي سان سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم شاهه مڪاني ادارن واري وزير کي ٻڌايو ته هلندڙ 6 اسڪيمن مان 73 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين ترقياتي سال ۾ 13 نيون ميگا اسڪيمون متعارف ڪرايون ويون آهن. مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته هلندڙ ترقياتي اسڪيمن ۾ شفافيت ۽ غير جانبداري کي اوليت ڏني وڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ غير ضروري دير يا رڪاوٽ نه ٿيڻ ڏني وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جن اسڪيمن لاءِ فنڊن جي ضرورت آهي انهن لاءِ وسيلا پڻ فراهم ڪيا ويندا ۽ سمورن قانوني گهرجن جي پورائي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير آر او پلانٽس لڳائڻ ۽ انهن کي آپريشنل ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا. پنهنجي پڄاڻي واري تقرير ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪرپشن ۽ اقربا کي مٿي چڙهڻ نه ڏنو ويندو.










