اسلام آباد(م ڊ)قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي اسپيڪر اسد قيصر بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ايوان اياز صادق جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي سندس صدارت هيٺ ملتوي ڪئي وئي. ان دوران ايوان ۾ سرڪاري بينچ مڪمل طور تي خالي ٿي وئي ۽ حڪومتي ميمبر ايوان مان نڪري ويا. 5 منٽن تائين ايوان ۾ گھنٽيون وڄيون ۽ دروازا بند ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اياز صادق وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ پڙهي ٻڌائي ۽ ايوان جو اجلاس 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿيو ۽ نويد قمر ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کانپوءِ ريفرنڊم شروع ٿيو. ان دوران 174 ميمبرن بي اعتمادي واري رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنهن کانپوءِ عمران خان ملڪ جو پهريون وزيراعظم بڻجي ويو جنهن کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايو ويو










