تحريڪ انصاف ڳالهين جي ڪاميابي چاهي ٿي: فواد چوڌري

تحريڪ انصاف ڳالهين جي ڪاميابي چاهي ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته هو ڳالهين جي ڪاميابي چاهين ٿا پر ناڪامي جي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي.ان حوالي سان فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي لکيو ته ائين نٿو ٿي سگهي آئين کي ڪچري جو ٽڪڙو ۽ عوام کي چريو سمجهيو وڃي.هن لکيو ته ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ عوام وڏي تحريڪ لاءِ تيار ٿي وڃي، تحريڪ انصاف سڀاڻي لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ جلسن سان شروع ٿي رهي آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ وڌيڪ لکيو ته ان جو ڪلائيمڪس تاريخي لانگ مارچ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو