لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي 43 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. رياض فتيانه، نصرالله خان، طاهر صادق سميت ٻين طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿيڻ کان اڳ ئي واپس ورتيون ويون هيون، جنهن کان پوءِ اسپيڪر وٽ اهو اختيار ناهي ته هو استعيفائون منظور ڪري.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ قانون جي خلاف ۽ بدديانتي تي ٻڌل آهي. قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون عدالت سڳوري جي طئي ڪيل قانون جي ابتڙ منظور ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ جي لاءِ استعيفائون منظور ڪيون. استعيفائون منظور ڪرڻ کان اڳ اسپيڪر ميمبرن کي گهرائي موقف به نه پڇيو.عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ميمبرن جي مرضي کان سواءِ استعيفائون منظور ڪرڻ جو قدم غير آئيني آهي ان ڪري عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان استعيفائون منظور ڪرڻ جو قدم ڪالعدم قرار ڏئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي حتمي فيصلي تائين اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي به ڪالعدم قرار ڏيندي حتمي فيصلي تائين استعيفائون منظور ڪيون ويون، ان ڪري مذڪوره سيٽن تي چونڊون روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.










