اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي شماريات واري اداري مالي سال 2025-26 جا تجارتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. شماريات واري اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025-26 ۾ تجارتي خسارو 39 ارب 47 ڪروڙ 10 لک ڊالرز تي پهچي ويو. شماريات واري اداري موجب، گذريل مالي سال تجارتي خساري ۾ 21.57 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، جڏهن ته وفاقي حڪومت مالي سال 2025-26 لاءِ تجارتي خساري جو هدف 29 ارب 92 ڪروڙ 90 لک ڊالرز مقرر ڪيو هو. جون 2026 ۾ ماهوار بنيادن تي تجارتي خساري ۾ 63.76 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، سالياني بنيادن تي جون ۾ تجارتي خسارو 57.11 سيڪڙو وڌي ويو ۽ گذريل مهيني جون ۾ تجارتي خسارو 4 ارب 52 ڪروڙ 80 لک ڊالرز رهيو. شماريات واري اداري موجب، مالي سال 2025-26 ۾ برآمدات (ايڪسپورٽس) 30 ارب 12 ڪروڙ 60 لک ڊالرز رهيون، برآمدات ۾ پڄاڻي تي پهتل مالي سال دوران 5.97 سيڪڙو جي ڪمي ٿي، جڏهن ته مالي سال 2025-26 لاءِ برآمدات جو هدف 35 ارب 28 ڪروڙ 20 لک ڊالرز مقرر ڪيو ويو هو. ان کان علاوه، مالي سال 2025-26 ۾ درآمدات (امپورٽس) جو حجم 69 ارب 59 ڪروڙ 70 لک ڊالرز رهيو، مالي سال 2025-26 ۾ درآمدات ۾ 7.89 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ مالي سال 2025-26 لاءِ درآمدات جو هدف 65 ارب 21 ڪروڙ 10 لک ڊالرز مقرر ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جون 2026 ۾ درآمدات 6 ارب 76 ڪروڙ 70 لک ڊالرز رهيون.










