تبليغي جماعت پاران اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي

تبليغي جماعت پاران اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي

مسوڀرڳڙي (ن سنڌ يار ) مسوڀرڳڙي لڳ تبليغي جماعت گرائونڊ ته پاران ٻن ڏينهن واري اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مختلف شھرن کان آيل سون جي تعداد ۾  مريضن جو چيڪپ ڪري اکين جو آپريشن ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون.ڪيمپ جو افتتاح ايڊيشنل ڊي آءِ جي ڊاڪٽر جميل ڪيو.ان موقعي ته صحافين سان ڳالهائيندي  ايڊيشنل ڊي آءِ جي حيدرآباد ڊاڪٽر جميل چيو ته آرائين تنظيم پاران هتي اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي آھي جيڪوساراهجه جوڳوعمل آھي ۽ هيءَ سٺي تنظيم آھي، مستقبل ۾ به اهڙيون ڪيمپون لڳڻ گهرجن.هن چيو ته اسان جو مقصد آھي ته جيڪو گورنمنٽ طرفان قانون لاڳو ڪيو ٿو وڃي انهي ته عمل ڪرائجي، هن وڌيڪ چيو ته پينو فقيرن جيڪي خيرات گهرن ٿا اهو قانون جي خلاف ورزي آھي، خيرات انهن ماڻهن جو حق آهي جيڪي مستحق آھن، گهرن ۾ ويٺا آھن انهن جي مدد ڪجي.هي هڪ سوال جي جواب ۾ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد چوڻ ھوته جيڪي والدين ٻارن جي ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائن ٿاانهن خلاف به  قانوني ڪروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي  سختي سان عمل جاري آهي.ڪيمپ ته آيل مريضن جي  رهائش ۽ کاڌي پيتي جو به انتظام ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو