ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ منعقد ڪيل تبليغي جماعت جي اختتامي نماز ۾ شرڪت ڪئي.سنڌ جي گورنر جي ترجمان موجب ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي به تبليغي اجتماع جي اختتامي نماز ۾ شرڪت ڪئي.سنڌ جي گورنر جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعا گهري.سنڌ جي گورنر جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته ان حوالي سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته هر سال اهڙي وڏي جلسي کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي منتظمين مبارڪباد جا مستحق آهن.










