تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيءُ وزيراعظم، پٽ وڏي وزير جي عهدي تي مقرر

اسلام آباد: (بيورو ) حمزه شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وزير طور چونڊجڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ سياسي تاريخ لکجي وئي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ (ن) ليگ جو صدر شهباز شريف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جو وزيراعظم چونڊجيو هو. جنهن کان پوءِ حمزه شهباز به پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ائين ٿيو آهي ته هڪ ئي وقت پيءُ وزيراعظم ۽ پٽ پنجاب جي وڏ وزارت جي عهدي تي مقرر هجي. ان کان اڳ 1997ع ۾ هڪ ئي وقت نوازشريف وزيراعظم ۽ ان جو ڀاءُ شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير رهي چڪا آهن.پاڪستان ۾ هڪ ئي خاندان جي ماڻهن وٽ وزيراعظم ۽ وڏ وزارت جو عهدو رهي چڪو آهي. پ پ جو باني ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ڌيءَ بينظير ڀٽو به وزيراعظم رهي چڪا هئا. ان کان علاوه چوڌري شجاعت وزيراعظم جڏهن ته ان جو سئوٽ پرويز الاهي ڊپٽي وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ هو پنجاب جو وڏو وزير به رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو