ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي ٽريفڪ پوليس ۾ عورت اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ابتدائي طور ميٽروپول کان هوائي اڏي تائين شاهراهه فيصل تي مققر ٿيل هنن ليڊي ٽريفڪ اهلڪارن کي موٽر سائيڪل سوارن کي ٽريفڪ قانون جي پاسداري لاءِ معلوماتڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ڇوڪريون ٽيفڪ اهلڪار موٽر سائيڪل تي گشت به ڪنديون آهن. في الحال کين چالان جو اختيار ناهي ڏنو ويو.










