بيجنگ(ويب ڊيسڪ)تائيوان اسٽريٽ ۾ چين جون ٽي ڏينهن واريون فوجي مشقون پڄاڻي تي پهتيون آهن.ٽن ڏينهن واري مشق ۾ بمبارن، ايٽمي ميزائلن سان ليس جهازن حصو ورتو.چيني فوج موجب مشقن جي ٽئين ڏينهن جنگي جهازن تائيوان جي ويجهو هدفن کي نشانو بڻائڻ جي مشق ڪئي.H-6K جنگي جهازن تائيوان ٻيٽ جي ويجهو زنده هٿيارن سان هدفن تي حملا ڪرڻ جي مشق ڪئي، مشقن جي پڄاڻي تي چيني فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته تائيوان جي چوڌاري چيني فوج ڪيترائي مقصد پورا ڪيا، مشقن ۾ حقيقي جنگي حالتن ۾ مختلف يونٽن جي صلاحيتن جي جامع جانچ ڪئي وئي.بيان ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته چيني فوج تائيوان جي آزادي ۽ پرڏيهي مداخلت جي ڪوششن جي ڪنهن به شڪل کي شڪست ڏيڻ لاءِ چوکس رهندي.ٻئي طرف تائيوان جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته ٽئين ڏينهن به تائيوان جي ويجهو 59 جنگي جهاز ۽ چيني فوج جا 11 جنگي جهاز ڏٺا ويا.










