مٽياري (رياض چانڊيو) شاهپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاهزمان چانڊيو پوليس پارٽي سان ڳوٺ موسا کٽياڻ ۾ قائم ڪيل مير محمد پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي بٺي مالڪ پاران زبردستي باندي بڻايل اوڏ برادري جي 18 عورتن مردن ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي ورتو. ڇاپي دوران بٺي مالڪ مير محمد پٺاڻ ۽ سندس ملازم پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته اوڏ برادري جي سربراه گلزار اوڏ جي فرياد تي سرن جي بٺي تي ڇاپو هنيو جتان بٺي مالڪ پاران زبردستي باندي بڻايل 18 مردن عورتن ۽ ٻارڙن جنهن ۾ مدن اوڏ، هيمراج اوڏ، هوندراج، پوجو، ريوو، نند لال، اوم امر، ارباب امر، چندر، ببلو، سلمان، شريمتي روشني، جريان، سواري، پپلي، سومري، شرفين ۽ ماروي شامل آهن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جن کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪورٽ سڳوري سمورن بارزياب ٿيلن کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن بازياب ٿيل مدن اوڏ جو چوڻ هو ته بٺي مالڪ مير محمد پٺاڻ اسان کي زوري باندي بڻائي رکيو هو جيڪو اسان جي عورتن مردن ۽ معصوم ٻارن کان ڏينهن رات زبردستي مزدوري ڪرائيندو هو ۽ اسان کي ان جو مڪمل اجورو به نه ڏيندو هو.










