حيدرآباد(ن س) سيري جي علائقي ۾ مرزا فارم وٽ نوجوان مبينا طور بُک ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش وڻ مان لاهي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وارثن انڪار ڪيو پوليس موجب وارثن شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته نوجوان بيروزگاري سبب آپگهات ڪيو آهي، نوجوان جي گهرڀاتين کان ضروري ڪارروائي مڪمل ڪري لاش سندن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب انتهائي قدم کڻندڙ نوجوان جو تعلق ٽنڊو باگو سان آهي، نوجوان گهر ڀاتين سان گڏ هارپي لاءِ مرزا فارم وٽ ترسيل هو










