مٺي ۽ فيض گنج ۾ ٻن ڪنوارين مائرن نوان ڄاول ٻاراچلائي ڇڏيا

مٺي ۽ فيض گنج ۾ ٻن ڪنوارين مائرن نوان ڄاول ٻاراچلائي ڇڏيا

مٺي / فيض گنج (نما ئندن وٽان) انسانيت جي تذليل، سول اسپتال مٺي ۾ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ڪچهري جي ڍير تي اڇلايو ويو، اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش کڻائي وئي. سول اسپتال مٺي ۾ ڪچهري جي ڍيرتي بي رحم مائيٽن ٻارڙي جو لاش دفنائڻ بجاء اڇلائي ڇڏيو. هوڏانهن فيض گنج مان پڻ تازي ڄاول معصوم ٻار جو لاش هٿ آيو آهي. ٽيل شاخ لڳ روڊ ڪناري ڪپڙي ۾َ ويڙهيل ٻار جو لاش ڏسي رهواسين مدرسي جي مولوي سعيد احمد شر کي اطلاع ڪيو جنهن واقعي واري هنڌَ پهچي لاش کي کڻي ورتو آهي .

جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. پنهنجي جنسي حوس جي تسڪين جي سزا هنن معصوم ٻارڙن کي ڏئي ڇڏي. بي حس سماج جي ضمير کي شايد هي معصوم جنجهوڙي سگهن ته سندن قصور ڇا هو؟ ڇا اهي عورتون هاڻي پاڪ دامن ٿي ويون؟

پهنجو تبصرو موڪليو