بي آءِ ايس پي پروگرام جي برطرف ملازمن جي مشروط بحالي جو حڪم

بي آءِ ايس پي پروگرام جي برطرف ملازمن جي مشروط بحالي جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملازمن کي مشروط طور تي بحال ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملازمن جي بحالي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سرڪاري وڪيل ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا، سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ملازمن کي زالن ۽ مائٽن کي فنڊ ڏيڻ جي الزام ۾ برطرف ڪيو ويو آهي، ملازمن جي وڪيل چيو ته بي آءِ ايس پي ملازمن پنهنجي اختيار کان وڌي ڪنهن کي به فائدو نه پهچايو، جن ملازمن پنهنجي زالن کي فنڊ ڏنا انهن جون پگهارون امداد جي شرط جي حد کان گهٽ آهن، قانون ۾ ڪا به پابندي ناهي ته بي آءِ ايس پي ڪارڊ انهن جي مستحق مائٽن کي نه ڏئي سگهجن،سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ملازمن جي بحالي کان پوءِ، ضابطن موجب انهن خلاف انڪوائري ڪئي ويندي، جيڪا ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، جنهن دوران پگهار بحال نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ٽن مهينن اندر انڪوائري مڪمل نه ڪئي وئي ته پگهار شروع ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو