ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي.بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم ڀٽو جون خدمتون بي مثال آهن ۽ سندس قربانيون بي مثال آهن،هن چيو ته مان بيگم نصرت ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو جمهوريت جي لاءِ بي لوث وابستگي، مسلسل چئلينجن جي باوجود سندس عزم ۽ حوصلو سندس غير معمولي ورثي جو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جو اثر سياست کان پري آهي، هوءَ آمريت ۽ جبر خلاف مزاحمت جي علامت آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد جي تاريخ بيگم ڀٽو جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري رهندي.هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ اميد، طاقت ۽ رهنمائي جي علامت رهندي.










