شڪارپور(ڪاشف نواز ٻرڙو) لکيدر ٿاڻي جي حد بيگاري ڪئنال مان 8 سالا نامعلوم معصوم ٻار جو لاش هٿ آيو آهي. مقامي ماڻهن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ لاش پوليس کڻائي سول اسپتال پھچايو پر معصوم جي لاش جي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آهي. سڃاڻپ لاء لاش اسپتال ۾ رکيو ويو آهي. بظاهر ٻار جي عمر 5 کان 6 سال جي لڳي رهي آهي.*** هوڏانهن ٽنڊوباگو مان فرحت خواجا موجب پوليس اسٽيشن ڏيئي شھر جي حد ۾ مال چاريندڙ ڌنار ڄام ولد سوڍو چانڊيوجو وڻ ۾ ٻڌل لاش هٿ.آيو آهي. پوليس لاش تعلقہ اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وٺي.










