ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي بينڪنگ محتسب بينڪ جي صارفين کي فراڊ ڪندڙن کان محتاط رهڻ جي صلاح ڏني آهي.پاڪستان جي بينڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد بينڪ جي گراهڪن کي خبردار ڪيو آهي ته هو بينڪ جي هيلپ لائن تان ڪال اچڻ تي به معلومات نه ڏين.محتسب جو چوڻ هو ته بئنڪ اڪائونٽ هولڊر اهڙن فراڊن کان هوشيار رهن جيڪي ماڻهن کي ڦرڻ جا نوان طريقا آزمائي رهيا آهن، بئنڪنگ گراهڪ پنهنجي ذاتي ۽ مالي معلومات ڪنهن ٽئين ڌر کي نه ڏين.پنهنجو بئنڪ ڪسٽمر شناختي ڪارڊ نمبر، ڪريڊٽ ڪارڊ نمبر، ڊيبٽ ڪارڊ نمبر ڪنهن سان به شيئر نه ڪريو.ڪنهن به فون ڪال تي بينڪ پاسورڊ ۽ AoTP نه ٻڌايو.جيڪڏهن فون تي بينڪ هيلپ لائن کان ڪال اچي ٿي، صارفين کي پڪ سمجهڻ گهرجي ته اها جعليٰ آهي.










