بينظير ڪفالت جي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو واڌ

بينظير ڪفالت جي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان حڪومت بينظير اسپانسر شپ جي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو آهي ته مالي سال 23-2022 جي چوٿين ٽه ماهي قسط لاءِ 9000 رپين جي ورهاست سڀاڻي (سومر) کان شروع ٿيندي.هن چيو ته هي وظيفو 90 لک مستحقن کي جاري ڪيو ويندو، عوام جي سهولت لاءِ هي وظيفو سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل 1559 خاص ڪئمپن تان ادا ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مستحقين کي 9000 رپين جي مڪمل رقم ملي وڃي ۽ وصول ڪرڻ نه وساريو، ان سان گڏ تعليمي اسڪالر شپ جي جنوري کان مارچ جي قسط به جاري ڪئي وئي آهي.شازيه مري وڌيڪ چيو ته جن ٻارن جي حاضري 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي انهن جون مائرون هي وظيفو ضرور وٺن، ڪنهن به شڪايت جي اطلاع لاءِ هيلپ لائن 080026477 تي رابطو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو