بينظير انڪم سپورٽ رقم ادائگي، ٽوڪن جي آڙ ۾ رشوت عام جام

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن م بينظير انڪم سپورٽ جي پئسن جي تقسيم ۾ بدنظمي ۽ رشوت جو شڪايتون عام آهن، عملي پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا ونڊ نه ڪرائيندڙ اڻ پڙهيل غريب عورتون دربدر، چڪر مٿان چڪر ڪاٽي رهيون آهن. متاثرن پاران وس وارن کان تدارڪ جو مطالبو. ڀرياروڊ مان دانيال شيخ موجب بينظير انڪم سپورٽ جا پيئسا شروع ٿيڻ سبب سوين عورتن جي بائيو ميٽرڪ مشينن تي رش آهي، ٿڌي پاڻي ۽ ڇانو جو بندوبست نه هئڻ ڪري 3 پيرسن عورتون مسمات حاجران، مسمات خورشيد انصاري ۽ گل خاتون بيهوش ٿي ويون. سينٽرن ٻاهران نجي  ايجنٽ مقرر، في عورت کان 5000 تي 300 کان پنج سئو روپيا رشوت ورتي وڃي ٿي، جڏهن ته دوڪاندار من پسند ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا جيڪي هر مسڪين عورت کي ڌڪي رهيا آهن . جڏهن ته ان موقعي تي بائيو ميٽرڪ مشين ذريعي پيئسا ڏيندڙ محمد يعقوب ٻڌايو ته اسان پورا پئسا پنج هزار ڏئي رهيا آهيون.

ماتلي مان نمائندي موجب نادرا آفيس جو عملو بدمعاشي ڪيو ويٺو آهي، پئسن وٺڻ لاءِ ٽوڪن سسٽم شروع ڪيو آهي. ڪيترائي غريب مرد ۽ عورتون پريشان آهن، نجي ايجنٽ 1000 کان 1500 ۾ ٽوڪن بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، اڄ 15 منٽ هلائي ٽوڪن ڏئي وري ٽوڪن بند ڪري ايجنٽ بليڪ تي ٽوڪن وڪرو ڪري رهيا آهن ٻهراڙي جا غريب ماڻهون پريشان لائن ۾ بيٺل آهن آفيس جو ٽائم صبح 10 کان شام 4 بجي تائين آهي پر نادرا آفيس جي ايتري بدمعاشي آهي ڪير پڇڻ وارو ناهي. ميرپور ماٿيلو مان ظهير وسير موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران عيد جي قسط ايندي ئي ايجنٽ سرگرم ٿي ويا، 5 هزارن مان 2 سو کان 5 سو روپين جي ڪٽوتي جاري، مستحق عورتون رمضان شريف ۾ دربدر ٿيڻ لڳيون، ايجنٽ مستحق عورتن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا، موبلنڪ جي فرنچائيز ۽ اومني شاپ پاران ڪٽوتي جاري، اومني شاپ ۽ فرنچائيز مالڪ جا ٺٺ ٿي ويا آهن. متاثرين عورتن گھوٽڪي پوليس ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو بليڪ ميل ڪندڙ دوڪاندارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

ٻانڌي مان نويد سنڌي موجب ٻهراڙين مان ايندڙ غريب عورتن سان ظلم آهي. بئنڪن ۽ فرنچائيز وارا 300 کان 500 روپين جي ڪٽوتي ڪري رهيا آهن ۽ مسڪين عورتن سان بدتميزي ڪئي پئي وڃي. حبيب بئنڪ تان پرچي تي 200 روپيا ورتا وڃن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو