لاهور(ويب ڊيسڪ)بيساکي ميلي ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان سِک ياترين جي آمد شروع ٿي وئي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 7 هزار کان وڌيڪ ياتري پاڪستان اچي رهيا آهن، ڀارت مان سِک ياترين جو وڏو انگ واھگه بارڊر تي پهچي ويو آهي۔ پنجاب جي صوبائي وزيرن ۽ متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي نمائندن ياترين جو آڌرڀاءُ ڪيو، پنجاب حڪومت طرفان سِک ياترين لاءِ خاص حفاظتي بندوبست ڪيا ويا آهن۔ پاڪ رينجرز، پوليس ۽ سيڪيورٽي لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان بيـساکي ميلي جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن۔ ياترين کي واھگه بارڊر کان سخت حفاظتي انتظامن هيٺ ننڪانه صاحب منتقل ڪيو ويو، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ استادَن پاڪستان پهچڻ تي ياترين کي گلدستا پيش ڪيا، گرم موسم سبب ياترين جي خدمت اسپغول ۽ روح افزا جي ٿڌي مشروب سان ڪئي وئي۔ ايڊيشنل سيڪريٽري مزارات، سيف الله کوکر موجب، سِک ياترين کي پاڪستان ۾ رهائش، لنگر، ٽرانسپورٽ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن، پاڪستان حڪومت خاص طور تي ياترين کي 6 هزار 751 ويزا جاري ڪيا آهن۔ هن چيو ته وفاقي وزارت مذهبي امور ۽ متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي درخواست تي شيڊول کان وڌيڪ 3 هزار 751 ويزا خاص طور جاري ڪيا ويا آهن۔ جٿي جي ليڊر رويندر سنگهھ چيو ته پاڪستان حڪومت اهڙي قدم سان سِک قوم جا دل کٽي ورتا آهن۔ هڪٻئي ليڊر دلجيت سنگهھ سرنا چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، سڄي دنيا جا سِک پاڪستان اچڻ چاهين ٿا۔ ڀارتي ياترين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي عزت ۽ احترام ملندو آهي۔ بورڊ جي ترجمان ٻڌايو ته امرتسر، هريانه، اتر پرديش، دهلي ۽ ٻين 11 ڀارتي رياستن مان ياتري پاڪستان پهتا آهن، معمول کان وڌيڪ ياترين جي آمد جي ڪري وفد کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي۔ پهريون گروپ پاڪستان آمد کان پوءِ واھگه بارڊر تان گوردوارہ پنجه صاحب حسن ابدال روانو ٿيندو، جڏهن ته ٻيو گروپ واھگه بارڊر لاهور کان گوردوارہ دربار صاحب ڪرتارپور روانو ٿيندو۔










