بورڊ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي پيو

بورڊ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهيو آهي، شهر ۾ پاڻي چوري روڪڻ ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ ٽائون چيئرمين ۽ واٽر بورڊ آفيسرن تي ٻڌل ھڪ گڏيل ڪميٽي جوڙي وئي آهي تہ جيئن شهر ۾ پاڻي جي منصفاڻا ورڇ ٿي سگھي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران ٽائون چيئرمين سهراب ڳوٺ لالا عبدالرحيم جي اڳواڻي ۾ آيل مختلف يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي وفد سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي ٽائون چيئرمين پاران سهراب ڳوٺ جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ مؤثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن،سي او او واٽر بورڊ پاران سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان ميئر ڪراچي جي هدايت تي بھتر قدم کنيا پيا وڃن، ملاقات دوران ميونسپل ڪمشنر سهراب ڳوٺ امتياز مگسي، محمد حنيف بلوچ، آفتاب عالم چانڊيو، غلام مصطفيٰ مڱڻ، عامر خان، دلاور جعفري، مشتاق احمد سميت ٻيا عملدار موجود هئا، ان موقعي تي ٽائون چيئرمين سهراب ڳوٺ پاران سڄي شهر ۾ اينٽي ٽيفٽ سيل جي سرگرمين کي ساراهيندي پاڻي چورن خلاف واٽر بورڊ سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو