ڪراچي(ويب ڊيسڪ)صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ‘بورڊ آف پيس’ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت باوجود، ڀارت اڃا تائين هن عمل ۾ باضابطه طور شامل ناهي ٿيو۔
ڊيووس ۾ ٿيل تقريب، جتي ٽرمپ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سميت 20 عالمي اڳواڻن بورڊ جي چارٽر تي صحيون ڪيون، ان مان ڀارت جي غيرموجودگي نمايان رهي آهي۔ ڀارت ۾ ڪجهه حلقا نئين دهلي جي هن هچڪچاهٽ کي ڪشمير تڪرار جي پسمنظر ۾ ڏسي رهيا آهن۔
ڊان اخبار جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ موجب، هن بورڊ جو مقصد غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٿيل جنگبندي کي مستقل بڻائڻ ۽ فلسطيني علائقي ۾ عبوري حڪومت جي نگراني ڪرڻ آهي۔
ٽرمپ ان موقعي تي چيو هو: “هي رڳو آمريڪا لاءِ ناهي، پر سڄي دنيا لاءِ آهي۔ منهنجو خيال آهي ته اسان ان کي ٻين هنڌن تائين به ڦهلائي سگهون ٿا، جيئن اسان غزا ۾ ڪاميابي سان ڪيو۔”
پر ڪجهه حلقن ۾ خدشو موجود آهي ته جيڪڏهن ڀارت هن بورڊ ۾ شامل ٿيو—جنهن کي ٽرمپ مستقبل ۾ گڏيل قومن (اقوام متحده) جي متبادل طور ڏسي پيوته پوءِ قبضي هيٺ ڪشمير وارو تڪراري علائقو وسيع عالمي يا آمريڪي جاچ جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو۔
جيتوڻيڪ ٽرمپ بار بار ڪشمير مسئلي تي ثالثي جي آڇ ڪئي آهي، خاص طور مئي 2025 ۾ ٻن ڏکڻ ايشيائي حريفن وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ، پر نئين دهلي اهڙين سڀني آڇن کي هاڻي تائين سختي سان رد ڪيو آهي۔
بي بي سي هندي جي هڪ رپورٽ موجب، ‘بورڊ آف پيس’ اهڙي وقت ۾ ٺهي رهيو آهي جڏهن آمريڪا گڏيل قومن جي ڪيترن ادارن مان نڪري رهيو آهي، جنهن سبب اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا هن بورڊ جو مقصد عالمي اداري کي غير لاڳاپيل بڻائڻ آهي۔
ڪجهه حلقن کي اهو خدشو به آهي ته هي بورڊ رڳو هڪ قطبي (يوني پولر) دنيا کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، جيڪا هن وقت آمريڪا جي بالادستي هيٺ آهي۔
هن معاملي تي تازو ايڊيٽوريل ۾، اخبار دي هندو پاڪستان جي بورڊ ۾ شامل ٿيڻ واري فيصلي کي “ڀارت لاءِ خبرداري جو سگنل” قرار ڏنو۔
اخبار موجب، ان خدشي جو سبب آمريڪي صدر جو پاڻ کي ‘امن قائم ڪندڙ’ طور پيش ڪرڻ وارو رويو آهي، ڇاڪاڻتہ هن پنهنجي عهدي جي پهرين سال دوران ڪيترن علائقائي ۽ عالمي تڪرارن کي حل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔
ايڊيٽوريل ۾ چيو ويو: “جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي امن منصوبن ۾ ڪشمير تڪرار کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته پيس بورڊ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔ هڪ ڀيرو ڀارت بورڊ ۾ شامل ٿيو ته پوءِ ان لاءِ بين الاقوامي امن فورس ۾ پنهنجي فوجن جي مقرريءَ تي اعتراض ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوندو۔”
گڏيل قومن ۾ ڀارت جي اڳوڻي سفير سيد اڪبرالدين تازو ٽائيمز آف انڊيا ۾ لکيو ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب هن بورڊ جي مدي جي حد 31 ڊسمبر 2027 تائين مقرر آهي، ۽ ان کي هر ڇهن مهينن ۾ سلامتي ڪائونسل کي رپورٽ ڏيڻ جي پابندي آهي۔
هن وضاحت ڪئي ته اهو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته هي عارضي بندوبست ڪنهن مستقل عالمي ماڊل ۾ تبديل نه ٿئي، جڏهنتہ ان جي ابتڙ ٽرمپ جي امن منصوبي جي ڪا مقرر مدت ناهي ۽ اهو “غزا کان ٻاهر به استعمال ٿي سگهي ٿو”۔
هن چيو ته گڏيل قومن جا ڪجهه عملدار به اشارو ڏئي رهيا آهن ته هي فريم ورڪ ٻين تڪراري علائقن تي به لاڳو ٿي سگهي ٿو۔
پر ڀارت جا نيپال ۽ ويٽنام ۾ اڳوڻا سفير رنجيت راءِ جو خيال آهي ته نئين دهلي لاءِ ٽرمپ جي ‘بورڊ آف پيس’ بابت فيصلو ڪرڻ آسان نه هوندو۔
هن چيو: “ڀارت جي ڏکيائي وڌي وئي آهي۔ ڀارت قبول ڪري يا رد ڪري—ٻنهي صورتن ۾ اثر پوندو۔ منهنجي خيال ۾ پيس بورڊ ۾ شامل ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ آهن۔ سڀ کان پهرين ته ٽرمپ ان جو چيئرمين آهي، ۽ سندس واپاري نوعيت واري انداز مان انصاف جي اميد رکڻ بي معنيٰ لڳي ٿو،” بي بي سي هندي سندس قول نقل ڪيو۔
راءِ وڌيڪ چيو: “اهو واضح ناهي ته ڇا هر ملڪ کي هن بورڊ ۾ هڪجهڙو درجو ملندو۔”
“جيئن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هر ملڪ وٽ رڳو هڪ ووٽ هوندو آهي، تيئن سلامتي ڪائونسل جڏهن ان جي منظوري ڏني هئي ته اها غزا تائين محدود هئي، پر هاڻي حالتن ۾ تبديلي اچڻ سبب اهو غزا کان ٻاهر به وڌي سگهي ٿو۔”
دي هندو جي ايڊيٽوريل ۾ دليل ڏنو ويو ته “آمريڪا-ڀارت لاڳاپن ۾ وڌندڙ وٿي ۽ واپاري ڳالهين جي نازڪ صورتحال به هن وقت ٽرمپ جي دعوت کي رد نه ڪرڻ جا سبب ٿي سگهن ٿا۔ ڇوتہ ائين ڪرڻ سان ٽرمپ ناراض ٿي سگهي ٿو، جيئن فرانس جي صدر جي معاملي ۾ ٿيو هو۔”










