بنگلاديشي ٽيم صرف ٽيسٽ ميچون کيڏڻ جي خواهشمند

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري ۾ صرف ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ذريعن مطابق هلندڙ هفتي بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستان جي دوري ڪرڻ جو اعلان ممڪن آهي. ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي جو به امڪان آهي جنهن ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽوئنٽي ميچون شامل آهن. جڏهن ته ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو آهن. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي سيريز بابت بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميه مختصر دوري ۾ صرف ٽيسٽ ميچون شامل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن مطابق پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيسٽ سيريز 30 جنوري کان 15 فيبروري تائين ٿيڻ جي آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوهه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون لاهور جڏهن ته 2 ٽيسٽ ميچون راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. ياد رهي ته بنگلاديش جي هڪ سيڪيورٽي وفد آڪٽومبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو جنهن کان پوءِ بنگلاديش جي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انڊر 16 ڪرڪيٽ ٽيمون به پاڪستان جو دورو ڪري چڪيون آهن جنهن جو مقصد قومي ٽيمن جي دوري لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو