بنون (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ اڻڄاتل حملي آورن هڪ پوليس ڪانسٽيبل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو بنون جي علائقي منڊان ۾ پيش آيو.حملي آور فائرنگ کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ڪانسٽيبل کي ڊيوٽي دوران نشانو بڻايو ويو.حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.










