بنون: (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ايف سي لائن جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.بمبار بارود سان ڀريل گاڏي ايف سي لائن جي ڀت سان ٽڪرائي ڌماڪو ڪيو، ڌماڪي کان پوءِ دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ دوران دهشتگردن ايف سي لائين ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پوليس ناڪام بنائي ڇڏيو.پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل اهلڪارن جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي. ٻئي طرف لکي مروت جي سٽي ٿاڻي جي حد مچن خيل اڊه ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.










