لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جاويد هاشمي چيو ته پنجاب ننڍن صوبن سان زيادتي ڪئي آهي، ڪنهن جو پٽ ماريو ويو ته ڪنهن کي جيل موڪلي ڪوڙا هنيا ۽ اسين حڪمراني ڪندا رهيا سين. هن چيو ته انهن پارٽين جي مهرباني آهي ته اڄ به هو مينار پاڪستان اچن ٿا. هن چيو ته فوجي جرنيلن ملڪ ٽوڙيو، لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو، ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، بينظير کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو غلام احمد بلور ٻچن جي قرباني ڏني، اسانکي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هن ملڪ ۾ بندوق جي نه پر آئين جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته نواز شريف به قرباني ڏني هي جيسين ووٽ کي عزت نه ملندي تيسين مسئلو حل نه ٿيندو. هاڻي پنجاب به اٿي بيٺو آهي ۽ انهن قوتن کي پوئتي هٽڻو پوندو جن آئين جو احترام نه ڪيو. ان دوران ترانو هلايو ويو ته انڌيرو مٽجي ويندو جڏهن ميدان ۾ شير ايندو. جاويد هاشمي چيو ته ڀارتي عزائم کي ڄاڻون ٿا، فوج جو احترام به سمجهون ٿا پر ڪنهن کي به آئين کان مٿا نهون رهڻ نه ڏينداسين.










