بنا ڊرائيور واريون گاڏيو امريڪا ۾ روڊ تي اچي ويون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) امريڪي شهر سينفرانسسڪو ۾ بنا ڊرائيور واريون گاڏيون روڊ تي اچي ويون آهن. گوگل جي مدر ڪمپني الفابيٽ جي ملڪيت واري ڪمپني ويميو هي آٽو ڊرائيونگ واريون گاڏيون مارڪيٽ ۾ آنديون آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته تنگ گهٽين ۾ هي گاڏيون فاسي پون ٿيون ۽ بعد ۾ ٽرن وٺي واپس ٿين ٿيون. ياد رهي ته مئي ۾ هن ڪمپني جي ڪار ٽريفڪ ڪون روڊ تي ڏسي بيهي رهي هئي ۽ پويان گاڏين جي وڏي قطار لڳي وئي هئي. بنا ڊرائيور وارين هنن گاڏين جي خبر تي هاهاها جو تبصرو ڪيو آهي. هنن گاڏين ۾ پروگرامنگ ذريعي ٽريفڪ قانون جي پاسداري ڪرڻ جا ضابطا به شامل آهن، تجرباتي طور ماهر انجنيئر هنن گاڏين کي مانيٽر ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو