بنا ثبوت ڪوڙو الزام هڻي حڪومت بدنام پئي ڪري، فائزعيسيٰ

بنا ثبوت ڪوڙو الزام هڻي حڪومت بدنام پئي ڪري، فائزعيسيٰ

اسلام آباد (اياز مهر) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته حڪومت بي نامي ملڪيتن جو الزام هڻي بدنام ڪرن لاءِ ڪوڙ پئي ڳالهائي ۽ منهنجي ساک خراب ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ حڪومتي جواب جي جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙو الزام ته صدارتي ريفرنس ۾ نه لڳايو ويو هو، اڳ ۾ کيس نشانو بڻايو ويو ۽ جڏهن سندن ڪم نه بڻيو ته هاڻي خاندان وارن تي الزام هڻي سندن لاءِ خطرو پيدا پئي ڪري. هن چيو ته حڪومت ججن کي تابعدار بنائڻ چاهي ٿي ۽ جيڪي جج سندن مرضي موجب نٿا هلن انهن بابت غير قانوني طريقن سان بابت معلومات گڏ ڪري کين نشانو بڻائي بدنام ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو آهي ته حڪومتي ٽيم ڌوڪي، فريب ۽ غلبي سان عدليا جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته خودمختار گهر واري ۽ ٻارن بابت پاڪستاني قانون موجب هو معلومات فراهم ڪرڻ جو پابند ناهي. پنهنجي وڪيل منير اي ملڪ معرفت جمع ڪرايل 2 جوابن ۾ حڪومتي الزام رد ڪندي چيو آهي ته بي نامي جائيدادن جو الزام هڻندي حڪومت ڪو ثبوت ناهي پيش ڪيو.  هن چيو ته جنهن معلومات کي ريفرنس جو بنياد بڻايو ويو اها اثاثه برآمدگي يونٽ (اي آر يو) شرمناڪ خفيه نگراني ذريعي حاصل ڪئي ته جيئن ان کي قانوني حيثيت ڏئي سگهجي. قانون موجب آي آر يو کي ججن بابت جاچ جو اختيار ناهي ۽ نه ئي اهڙي معلومات هو ان انداز ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته صدر پاران قاضي فائز عيسيٰ کي هٽائڻ لاءِ ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي موڪليو هو، جج ڪائونسل تي تعصب پرستي جو الزام هڻي عدم اعتماد ڪندي فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو جنهن ۾ سپريم جھوڊيشل ڪائونسل جا ميمبر شامل نه هجن. چيف جسٽس 10 رڪني بئينچ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ قائم ڪئي جنهن وٽ هي جواب جمع ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو