ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان کان ٽرين سروس ٻن ڏينهن تائين معطل رهڻ کان پوءِ اڄ کان بحال ڪئي وئي آهي.ريلوي عملدارن موجب، جعفر ايڪسپريس اڄ ڪوئيٽا کان پشاور وڃڻ لاءِ رواني ٿيندي. پشاور کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس اڄ شام ڪوئيٽا پهچندي.ڪراچي کان ايندڙ بولان ميل سڀاڻي ڪوئيٽا پهچندي. برسات جي ڪري ٽرين سروس ٻن ڏينهن تائين معطل رهي.










