بلوچستان ۾ دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 اهلڪار شهيد

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ پاڪ ايران سرحد تي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن وڏو حملو ڪيو، پوسٽ تي مقرر اهلڪارن دهشتگردن جي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. فورسز دهشتگردن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب شهيد اهلڪارن ۾ سپاهي حسنين اشتياق ۽ سپاهي عنايت الله شامل آهن. 34 ورهين جو حسنين اشتياق ڊي جي خان ۽ 27 ورهين جو عنايت الله جهل مگسي جو رهواسي هو.آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ فوري طور تي ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو