بلوچستان ۾ برساتن سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت، انگ 82 ٿي ويو، هزارين گهر تباهه

بلوچستان ۾ برساتن سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت، انگ 82 ٿي ويو، هزارين گهر تباهه

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ جاري برساتن سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد صوبي ۾ برساتن سبب فوتين جو انگ 82 ٿي ويو آهي، جڏهن ته برساتن سبب ٽي هزار کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. پي ڊي ايم اي بلوچستان جي رپورٽ موجب سومر تي بلوچستان ۾ جاري برساتن سبب وڌيڪ 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هينئر تائين فوتين جو انگ 82 ٿي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو انگ 60 ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب صوبي ۾ برساتن سبب 2536 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته 592 کي جزوي نقصان پهتو آهي، برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ مالي نقصان ضلعي واشڪ ۾ ٿيو آهي، جتي 2080 گهر ۽ 550 ڪلوميٽر روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب 706 ڍور مري ويا آهن، 1800 سولر پينل، 240 بورنگ، 197900 ايڪڙ فصل کي نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف پنجگور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، 100 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پيا، سردو مري آباد ۾ ٻوڏ سبب 4 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان 2 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا. بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي. طوفاني برسات کانپوءِ رخشان نديءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته تربت ۽ هوشاب وچ ۾ ٽاور ڊهي پوڻ سبب سڄي ضلعي ۾ ٻن ڏينهن تائين بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو