بلوچستان کان ٽرين سروس اڄ به معطل رکڻ جو فيصلو

بلوچستان کان ٽرين سروس اڄ به معطل رکڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان کان ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ ٽرين سروس اڄ ٻئي ڏينهن به معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ريلوي کاتي ريلوي ٽريڪ تي مرمتي ڪمن جي ڪري بلوچستان کان ٽرين سروس ٻئي ڏينهن به معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ريلوي اختيارين موجب، ريلوي کاتي بلوچستان کان ٽرين سروس 9 جولاءِ تي معطل ڪئي هئي. ريلوي ٽريڪ تي مرمتي ڪمن جي ڪري ٽرين سروس جمعي 10 جولاءِ تي به معطل رهندي.ريلوي کاتي جو چوڻ آهي ته پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي روانگي اڄ منسوخ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پشاور کان ڪوئيٽا ايندڙ جعفر ايڪسپريس به جمعي ڏينهن جيڪب آباد تائين محدود رهندي. ريلوي اختيارين موجب، ٽرين جي معطليءَ سبب مسافرن کي ٽڪيٽ جا پورا پئسا واپس ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو