بلوچستان: ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي، 10 ضلعن ۾ بجلي بند

بلوچستان: ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي، 10 ضلعن ۾ بجلي بند

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اوچ کان ڪوئيٽا تائين 220 ڪي وي ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي سبب ڪوئيٽا سميت 10 ضلعن کي بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي.ڪيسڪو جي ترجمان موجب، اوچ کان ڪوئيٽا تائين 220 ڪي وي ٽرانسميشن لائن جمعي جي رات 8:15 تي ٽرپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوئيٽا، نصيرآباد، سبي، بولان، مستونگ، نوشڪي، چاغي، پشين، زيارت ۽ چمن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.ڪيسڪو جي ترجمان چيو ته خضدار ۽ لورالائي کان متبادل ٽرانسميشن لائنن ذريعي بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.اوچ کان ڪوئيٽا تائين 220 ڪي وي ٽرانسميشن لائن خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات ٽرپ ٿيڻ سبب 3 ڪلاڪن لاءِ بند رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو