ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آرٽس ڪائونسل ۾ ٽن ڏينهن وارو سنڌ ادبي ميلو آڇر تي پڄاڻي تي پهتو پر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته بلوچستان تي مڪالمو جي عنوان سان سيشن عين وقت تي ختم ڪرڻ جواعلان ڪندي بلوچ اديبن جي توهين ڪئي وئي. بلوچستان جيڪو اڳ ۾ ئي نظرانداز ڪيو پيو وڃي تن جي هن فورم تي گهٽ ۾ گهٽ تذليل نه ٿيڻ گهرجي ها. اهو ميلي جي منتظمين کي اڳ ۾ ئي سوچن گهرجي ها ته جيڪڏهن هو دباءُ برداشت ڪرڻ جو ڀوتو نه پيا ڀائين ته کين دعوت ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. جڏهن کين موقعو نه ڏنو ويو ته شاھ محمد مري، يوسف مستي خان سميت بلوچ سول سوسائٽي جا نوجوان آرٽس ڪائونسل مان ٻاھر نڪري ھڪ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پولو گرائونڊ پھتا جتي هنن کليل ميدان ۾ هنن پنهنجو سيشن ڪيو. مقررن افسوس ظاهر ڪندي چيو ته هو ڀارت مان نه پر بلوچستان مان آيا آهن، ڀارتين کي ته منٿون ڪيون وڃن ٿيون پر بلوچستان وارن کان نفرت ڪئي ٿي وڃي جيڪي پاڪستان جو حصو آهن. هنن چيو ته بلوچستان سان بنگالين کان به بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي.










