ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سماجي ورڪر ۽ لکين ٻارن جي ماءُ بلقيس ايڌي جي جنازي نماز ميمن مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.بلقيس ايڌي جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني سميت پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.جنازي نماز ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، پ پ اڳواڻ وقار مهدي ۽ منظور وساڻ به شرڪت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي سنڌ حڪومت اڄ سوڳ جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، کيس سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته بلقيس ايڌي جون انسانيت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. جنازي نماز کانپوءِ سنڌ پوليس پاران بلقيس ايڌي کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.










