بلديه فيڪٽري ڪيس ۾ 2 کي ڦاهي، 4 عمر قيد ۽ 4 آزاد

بلديه فيڪٽري ڪيس ۾ 2 کي ڦاهي، 4 عمر قيد ۽ 4 آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀتو نه ملڻ تان بلديا فيڪٽري سانحي ۾ 260 ماڻهن کي زندهه ساڙڻ وارو ڪيس ايم ڪيو ايم تي ثابت، جوابدار زبير چريا ۽ رحمان ڀولا کي ڦاهيءَ جي سزا،چئن ٻين کي عمر قيد ۽ متحده اڳواڻ رئوف صديقي سوڌوسهولتڪار طور ڄاڻايل 4 جوابدار ثبوت نه ملڻ تي بري ٿي ويا.ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. بري قرار ڏنل جوابدارن ۾ اديب خانم، علي حسن قادري ۽عبدالستار شامل آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت سهولتڪاري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي وڌيڪ چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي تن ۾ شاهه رخ، فضل احمد، ارشد محمود ۽ علي محمد شامل آهن. 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا واري علائقي ۾ فيڪٽري کي باهه سبب 260 ماڻهون جيئرا سڙي فوت ۽ 50 کان مٿي ٻيا سڙي زخمي ٿيا هئا. ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ گارمينٽس فيڪٽري کي خوفناڪ باهه ڏيڻ وارو ڪيس 8 سالن تائين ٻڌڻي هيٺ رهيو، جوابدار زبير چريا عدالت ۾ اعترافي بيان ڏنو هو، فيڪٽري مالڪن بيان ڏيندي چيو هو ته متحده طرفان 20 ڪروڙ رُپيا ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد 2016ع ۾ جوابدار رحمان ڀولا کي انٽرپول جي مدد سان بئنڪاڪ ۾ گرفتار ڪرڻ بعد ڪراچي پوليس حوالي ڪيو ويو هو. علي انٽرپرائيز نالي هن گارمينٽ فيڪٽري جي جوابدارن ۾ متحده اڳواڻ رئوف صديقي، حماد صديقي، ان وقت جي سيڪٽر انچارج عبدالرحمان عرف ڀولا، زبير چريا، حيدرآباد جو تاجر ڊاڪٽر عبدالستار خان، عمر حسن قادري، اقبال اديب خانم، فيڪٽري جو چوڪيدار شاهه رخ، فضل احمد، ارشد محمود ۽ علي محمد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

Screen shot

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه هٿ سان لڳائي وئي هئي. هن ڪيس ۾ رئوف صديقي ضمانت تي هو، حماد صديقي ۽ عمر حسن قادري روپوش آهن، زبير چريا جيل ۾ آهي، عدالتي فيصلي موجب ملزمن باهه ڀتو نه ملڻ تي حماد صديقي جي حڪم تي لڳائي وئي هئي، 400 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا هئا. جنهن وقت باهه لڳي ان وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ وفاقي گهرو کاتي جو وزير رحمان ملڪ هو ۽ پوليس فيڪٽري مالڪن ۽ چوڪيدارن کي ذميوار قرار ڏيندي مٿن ڪيس داخل ڪيو هو پر 2015 ۾ رينجرز وارن جڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ڪئي ته ان ۾ باهه ايم ڪيو ايم تي ڀتو نه ملڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ڪيس نئون رخ اختيار ڪيو هو. جنهن بعد پوليس ان رپورٽ جي روشني ۾ ٻيهر ڪيس داخل ڪيو هو. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو هو ته فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس رئوف صديقي داخل ڪرايو. ڀولا چيو ته 4 کان 5 ڪروڙ ڀتو فيڪٽري مالڪن کان رئوف صديقي ۽ حماد صديقي ورتو هو. فيڪٽري مالڪ ارشد ڀائله به رئوف صديقي کي جوابدار قرار ڏنو هو. فيڪٽري مالڪ چيو هو ته کانئن 20 ڪروڙ ڀتو يا فيڪٽري ۾ حصو گهريو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو