ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بلديا فيڪٽري سانحي کي 10 سال گذري ويا آهن، جوابدارن جي سزا خلاف اپيلون 21 مهينن کان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.ٻئي طرف عدالت جي ناراضگي کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن جي بريت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا فيڪٽري سانحي ۾ 264 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا جڏهن ته علي انٽرپرائزز جي فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 50 کان وڌيڪ مزدور زخمي ٿي پيا هئا.










