بلدياتي اليڪشن ف ليگ جون سرگرميون تيز

بلدياتي اليڪشن ف ليگ جون سرگرميون تيز

نواب شاھ(رپورٽ اي ڪي ڏاھري)،بلدياتي اليڪشن جون تياريون عروج تي،پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل طرفان به سرگرميون شروع، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل رھنما سردار شير محمد رند جي پريس ڪانفرنس، تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلع نوابشاہ جي صدر سردار مير شير محمد خان رند پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سيڪريٽريٽ ضلع نوابشاہ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن بلدياتي اليڪشن ۾ هر وارڊ ۽ هر يوسي تي اميدوار بيهارينداسين، هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ڇو ته اليڪشن جو اعلان ٿيندي ئي روزاني سوين ماڻهو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت ڪن پيا، هن چيو ته آئي بي اي ۾ ميرٽ تي پاس ٿيندڙ اميدوارن کي پيپلز پارٽي جي عھديدارن طرفان سندن هائوسز تي آرڊر ڏيڻ ميرٽ جي لتاڙ آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن ڪارڪنن ۽ همدرن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن وڙهڻ لاء پنهنجون درخواستون ضلعي سيڪريٽريٽ تي جمع ڪرايو، جيئن نوابشاہ ۾ اليڪشن ۾ توهان کي ٽڪيٽون ڏئي سگهجن، هن چيو ته ٽڪيٽون نج ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون، هن نوجوان ۽ غريب طبقي جي ماڻهن تي زور ڏيندي چيو ته توهان وڌ کان وڌ اليڪشن ۾ حصو وٺو ڇو ته هن اليڪشن ذريعي توهان پنهنجا حق حاصل ڪري سگهو ٿا، ان موقعي تي سيد باغ علي شاھ، سيد انور علي شاھ، يونس خان بروهي، فقير نظام الدين سنجراڻي، امير بخش ڏاهري، ڊاڪٽر عادل آرائين، عرفان گل رند، صادق اوٺو، حاجي خان گورياڻي ۽ ٻين اڳواڻ، ڪارڪن ۽ عام شهري وڏي تعداد ۾ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو