ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بلبل پاڪستان جي نالي سان مشهور پاڪستان جي ليجنڊ ڳائڻي نيرا نور 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.نيرا نور جي خانداني ذريعن موجب گلوڪاره گذريل ڪجهه ڏينهن کان بيمار هئي ۽ ڪراچي ۾ علاج هيٺ هئي.نيرا نور جي جنازي نماز اڄ شام 4 وڳي يثرب ڊفينس مسجد ۽ امام بارگاهه ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين ڊيفنس فيز 8 جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.نيرا نور جو منفرد آواز پاڪستاني موسيقيءَ جي سڃاڻپ آهي، گلوڪاره 3 نومبر 1950ع تي ڀارتي رياست آسام جي شهر گوهاٽي ۾ پيدا ٿي، پاڪستان جي قيام کانپوءِ هوءَ پنهنجي خاندان سان گڏ پاڪستان هلي وئي ۽ ڪراچي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي.هوءَ شروعاتي ڏينهن ۾ بيگم اختر ۽ ڪنن ديوي جي ڳائڻ کان متاثر هئي ۽ جڏهن هن ريڊيو پاڪستان لاءِ ڳايو ته نيرا نور نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور ۾ شاگردياڻي هئي.نيرا نور فيض احمد فيض جي ڪلام کي عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن هميشه پنهنجي ڳائڻ لاءِ خوبصورت شاعري جي چونڊ ڪئي.بلبل پاڪستان ڪيترن ئي ٽي وي سيريلن لاءِ به گانا ڳايا ۽ سندس گانا ملي نغمي به تمام گهڻا مقبول ٿيا، نيرا نور 2012ع ۾ پروفيشنل ڳائڻ ڇڏي ڏنو.نيرا نور کي ڪيترن ئي قومي ايوارڊن سان نوازيو ويو، کيس 2006ع ۾ صدر پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان گڏ بلبل پاڪستان جي لقب سان نوازيو ويو. ان کان علاوه نيرا نور کي 1973ع ۾ نگار ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.










