نٿا مڃون ته مُلڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي: بلاول ڀٽو

نٿا مڃون ته مُلڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي: بلاول ڀٽو

گمبٽ(ن س) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي گـُڙدن ۽ جَيري جي علاج لاءِ هاڻي ڀارت نه وڃڻو پوندو، گمبٽ جي گمس اسپتال معياري علاج جي معاملي ۾ دنيا جي ڪنهن به اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ ڦڦڙن جي پيوندڪاري واري شعبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ ڦڦڙن جي پيوندڪاري جو اهو پهريون شعبو هوندوبلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي پهرين هيلٿ سٽي ۽ دوائن جي يونٽ جي پيڙهه جو پٿر به رکيو پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان نٿا مڃون ته مُلڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي.خيرپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اداري ۾ ڪجهه ماڻهو ضد تي لهي آيا آهن، سياست ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي تياري ڪن، اسان اوهان جو سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين.پ پ چيئرمين چيو ته اسان انهن ڪٺ پتلين کي جواب ڏينداسين، تخت لاهور ۾ ويهي انهن غيرجهموري قوتن کي جواب ڏينداسين.هن چيو ته انهن ئي عدالتن سبب قائد عوام ڦاهي تي چڙهي ويو، کين ڪو شرم نه آيو، اسان نٿا مڃون ته هن مُلڪ ۾ انصاف جو ڪو ادارو آهي، اڄ تائين ڪنهن جج شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ناهي ٻڌو، جَجَن مشرف سان ڳٺ جوڙ ڪري يارنهن سال آمريت جي اجازت ڏني، جڏهن بينظير شهيد ٿي ته ججن کي غيرت نه آئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هو عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ تيار آهي، مان نه پنهنجي ناني ۽ نه ئي شهيد امڙ کي انصاف ڏياري سگهيس، عمران خان ۽ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ مڃي ٿي ته هنن آئين تي ڌاڙو هنيو.

پهنجو تبصرو موڪليو