نئون ديرو (ن سنڌ يار) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نئون ديرو هائوس ۾ نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا. ملاقات ۾ شهيد راڻيءَ جي 13هين ورسيءَ واري جلسي کانپوءِ صورتحال تي ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين دوران جلسي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.پي ڊي ايم تحريڪ کي قائدين جي گڏيل حڪمت عملي سان هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري بابت وزارتي ڪميٽي جي رپورٽ بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري جي سمورن حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويو.ان موقعي تي مريم نواز سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن تي اتفاق ڪيو. مريم نواز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري کي رائيونڊ دوري جي دعوت پڻ ڏني، جيڪا دعوت بلاول ڀٽو زرداري پاران قبول ڪئي ۽ چيو ته دوري جي شيڊول بابت جلد مريم نواز شريف کي آگاهه ڪيو ويندو.










