بلاول ڀٽو جي انوکي انداز ۾ انب جي تعريف

بلاول ڀٽو جي انوکي انداز ۾ انب جي تعريف

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انوکي انداز ۾ انبن جي تعريف ڪري ڇڏي آهي.بلاول جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سفارتڪاري به انب جهڙي مٺي آهي. جمعي ڏهاڙي مينگو فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني انب دنيا ۾ بهترين ۽ مٺا آهن، اسان سمورن سفيرن ۽ سفارتخانن ۾ انبن جا تحفا موڪليا آهن.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته عالمي سطح تي اسان جي هن خزاني کي موٽ ملي، پاڪستان ۾ انبن کانسواءِ ٻين ميون جون مختلف ورائٽيون آهن، اسان پاڪستان کي 75 ٿيڻ جي خوشي ملهائي رهيا آهيون.هن چيو ته پاڪستان جي سفارتڪاري به انبن جيان مٺي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو