ملتان(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پ پ چيئرمين کي نشانو بڻائيندي چيو آهي ته بلاول پٽ تيار ٿي لاڙڪاڻي اچي رهيو آهيان، اوهان جي سوالن جا جواب ڏيندس. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي واري رٿ اپوزيشن جو استحقاق آهي، مخالف ڌر جو سياسي طور به مقابلو ڪنداسين، بي اعتمادي رد ناڪام بنائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته چوڌري ڀائرن اپوزيشن خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو واعدو نه ڪيو هو پر ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ملتان جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو پاران ڪيل تنقيد بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته بلاول منهنجو پٽ آهي، هو ملتان آيو هو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ نڪتا آهيون، 26 تاريخ تي لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندس.










