بلاول هائوس لڳ گاڏي ۾ لڳايل بم ناڪارا بڻايو ويو

بلاول هائوس لڳ گاڏي ۾ لڳايل بم ناڪارا بڻايو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلاول هائوس لڳ گاڏي ۾ فٽ ڪيل مقنا طيسي بم ناڪاره بڻايو ويو. پوليس کي اطلاع مليو ته موٽر سائيڪل ۾ بم فٽ ٿيل آهي، جڏهن پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهتو ته کين ٻڌايو ويو ته ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ بم فٽ آهي، پوليس 200 فٽ هم چورس علائقو خالي ڪرائي بم کي ناڪارا بڻايو ويو. ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جائز و وٺي پيو ۽ سندن رپورٽ اچڻ بعد تفصيل ٻڌايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هي شرپسندي لڳي پئي ۽ بلاول لاءِ هڪ خطري جو پيغام آهي. پوليس هر پاسي کان جاچ ڪري پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو