بلاول جي ڳڙھي ياسين دراني جي پونئرن سان تعزيت،مغفرت لاءِ دعا

بلاول جي ڳڙھي ياسين دراني جي پونئرن سان تعزيت،مغفرت لاءِ دعا

شڪارپور (ن ھھ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڪوٽ دراني ھائوس پهتا، جتي هن سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر مرحوم آغا سراج خان دراني جي لاڏاڻي تي انهن جي وارثن سان تعزيت ڪئي۔ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم آغا سراج دراني جي صاحبزادي آغا شهباز دراني، ڀائرن آغا شجاع الدين خان دراني، آغا مسيح الدين خان دراني، آغا رفيع الدين خان دراني ۽ ڀاڻيجن آغا محمد خان دراني، آغا حمزه خان دراني، بيرسٽر آغا علي خان دراني، ۽ بيرسٽر آغا مصطفيٰ خان دراني سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو۔ هن مرحوم جي دامادن عثمان مرزا، شهريار اجمل ۽ آغا ارشد خان دراني سان پڻ تعزيت ڪئي۔ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آغا سراج دراني جي بلندينِ درجات لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ وارثن لاءِ صبرِ جميل جي دعا گهري۔ ان موقعي تي مير نادر علي مگسي، خورشيد جونيجو، سردار محمد بخش مهر، جميل سومرو سميت پيپلزپارٽي جا ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا۔ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آغا سراج دراني آمريت جي دور ۾ ڏکيايون سٺيون پر ڀٽو ازم جي نظريي تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو۔ سندس ڏهاڪن تي پکڙيل سياسي ۽ عوامي خدمتون ناقابلِ فراموش آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته قومون انهن ڪردارن کي هميشه زنده رکن ٿيون، جن پنهنجي جدوجهد سان نئين نسل لاءِ رستا هموار ڪيا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو