بلاول جي مدد نه ڪبي،پهرين ڏينهن چوان پيو ته شفاف چونڊون ڪرايو

بلاول جي مدد نه ڪبي،پهرين ڏينهن چوان پيو ته شفاف چونڊون ڪرايو

راولپنڊي: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اسان کان مدد گهري رهيو آهي پر اسان ڪابه مدد نه ڪنداسين هنن کي مدد گهرڻي آهي ته انهن کان گهري جنهن سان گڏجي هن 16 مهينا حڪومت ڪئي. عدالت جي ڪمري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته هي اوپن ٽرائيل نه آهي. ميڊيا جي دوستن کي پٺيان ويهاريو ويو آهي. هن چيو ته مان اڄ به اهو چئي رهيو آهيان ته سمورو ڪنٽرول اسٽيبشلمينٽ وٽ آهي. ڳالهيون انهن سان ڪرڻ گهرجن جن وٽ پاور هجن. مان پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان صاف شفاف چونڊون ڪرايو، عوام جنهن کي چاهي انهن کي چونڊي سامهون آڻي. سياسي انجنيئرنگ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. اسان جي ماڻهن کي اڃان به گرفتار ڪيو پيو وڃي. جڏهن پي ٽي آءِ ميدان ۾ ئي موجود نه آهي ته سروي ڪيئن پيو ڪيو وڃي.؟ عمران خان وڌيڪ چيو ته حالتون هاڻ اهڙيون ٿي چڪيون آهن جو پي ٽي آءِ کي ڪنرول ڪرڻ هنن جي لاءِ مشڪل آهي. سموريون پارٽيون گڏ ٿي چڪيون آهن ان جي باوجود پي ٽي آءِ کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل آهي اسان جي ڪارنر گڏجاڻين تي پوليس جا ڇاپا لڳي رهيا آهن.پي ٽي آءِ باني چيو ته 9 مئي جو الزام اسان تي لڳايو ويو اسان ڪوبه قانون ناهي ٽوڙيو. جڏهن مون کي گوليون لڳيون تڏهن به ڪوبه احتجاج نه ٿيو هو. 2018 ۾ به ٻڌايو وڃي ته ڪنهن چونڊن کان روڪيو هو. اسان ڪنهن به صورت ۾ بلاول ڀٽو ڀٽو زرداري جي مدد نه ڪنداسين. اهو مدد گهري رهيو آهي ته انهن کان گهري جن سان ملي هن 16 مهينا حڪومت ڪئي. هي چونڊن ۾ هڪ ٻئي جا مخالف ٿي چڪا آهن پر اندر مان اڄ به هڪ ئي آهن.ٻئي پاسي 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هي سمورو ڊرامو 8 فيبروري جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو ڊرامو ڪرڻو آهي ته 8 فيبروري کان پوءِ ڪري وٺو.عمران خان چيو ته توشه خانه ۾ نوازشريف ۽ آصف زرداري کي 13 فيبروري جي تاريخ ڏني وئي. مان روز ٻڌي رهيو آهيان ته منهنجي مٿان هڪ ٻئي پٺيان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. نوازشريف ۽ آصف زرداري جا ڪيس به روز مقرر ڪريو ته جيئن ڪم جلدي مڪمل ٿئي. 8 سال پراڻا ڪيس 13 فيبروري تي رکيو ويو. جڏهن ته 4 سال پراڻو ڪيس روز مقرر ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو