بلاول جي عاصمه جهانگير کي ڀيٽا پيش

بلاول جي عاصمه جهانگير کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، عاصمه جهانگير جي پنجين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته عاصمه جهانگير جمهوريت جي حمايت ۽ آمريت جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو نالو آهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير جي پنجين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عاصمه جهانگير جي اصول پسندي، عوام دوستي ۽ آئين پسندي سڀني لاءِ مشعل راهه آهي. سندس چوڻ هو ته عاصمه جهانگير جمهوريت جي حمايت ۽ آمريت جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو نالو آهي. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هوءَ آئين ۽ قانون جي حڪمراني، پارليامينٽ جي بالادستي، انساني حقن ۽ رواداري کي هٿي وٺرائڻ جي جدوجهد ۾ هميشه پهرين صف ۾ شامل رهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو