عوامي شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين سالگره تي ڀيٽا پيش

عوامي شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين سالگره تي ڀيٽا پيش

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي عوامي شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين سالگره جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪري کيس خراج پيش ڪيو ويو. بلاول اوٺو سان نئون ڪوٽ ۾ ان موقعي تي خصوصي پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ هو پاڻ  به شريڪ ٿيو. نئون ڪوٽ مان پيارعلي نھڙيو  موجب سنڌ جي عوامي شاعر بلاول اوٺو جي 75هين سالگره پريس ڪلب ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ مھراڻو پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران ملهائي وئي. تقريب ۾ شاعرن اديبن استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري بلاول اوٺو سان گڏ 75هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنھن بعد شاعرن اديبن  اياز رضوي، وفا محمود، آرزو خاصخيلي، ممتاز قاسماڻي، صوبدار قاسماڻي، ضمير بلاول اوٺو، رحمان نھڙيو ۽ ٻين شاعري پڙهي ۽ بلاول اوٺي جي شاعري ۽ ان جي شخصيت جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو ۽ آخر ۾ محفل موسيقي پڻ ٿي جنهن ۾ نوجوان راڳي ھمير سنڌي بلاول اوٺي جي شاعري ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. عوامي شاعر بلاول اوٺي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو جنم ٿر جي ڳوٺ خانور اوٺا 20 ڊسمبر 1945ع ڌاري انهي زماني ۾ ٿيو جڏهن ٿر ۾ رٻ پيئڻ لاءِ ماڻهن کي ڪونه ملندي هئي، 1970 کان مون شاعري جي شروعات ڪئي، مون به اهو دور پنهنجي اکين سان ڏٺو جڏهن غربت عروج تي هئي ۽ مون پيرون کائي مٿان پاڻي پي به بکي پيٽ راتيون گذاري گيت لکيا ،مون مرٽ ۽ ڀرٽ جي ماني کائي به زندگي ائين صحرا  ۾ پنڌ ڪندي ماروئڙن جا درد لکندي گذاري آهي. ڪڏهن ڪڏهن رات جي سمھڻ مهل اهي ڳالهيون ياد اينديون آهن ته  منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن مون سڄي حياتي دردن ۽ سورن سان جھيڙيندي گيت گنگنائيندي زندگي گذاري آهي. بلاول اوٺو هزارين گيت لکيا جنهن جو  پهريون ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان جيجي زرينا بلوچ ڳايو هيو.

75th Birthday of Renowned poet Bilawal Otho in Nao Kot, Photo Sindhyar

جنهن جا ٻول هئا  توکان وڇڙي ڏينهن ٿيا ڍوليا ويٺي واٽ ڏٺم، بلاول اوٺي جي فوزيه سومرو سان پهرين ملاقات ماڪن شاھ رضوي  وٽ جھڏي ۾ ڪنهن پروگرام دوران ٿي هئي. جنهن بعد فوزيه سومرو بلاول اوٺي جو پهريون گيت ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو ڳايو جيڪو ڏاڍو مقبول ويو. بلاول اوٺي جي شاعري سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي ڪيسٽ، ريڊيو ۽ ٽي وي تي، جنهن ۾ فوزيه سومرو، ثمينه ڪنول، حميرا چنا، امبر مهڪ، صنم ماروي، ديبا سحر، ثمينه گڏي، فرح خانم، انجم آرا، شبانه بلوچ، عابده پروين، رازده پروين، تاج مستاني، شازيه خشڪ، ثريه سومرو، ديبا ڪنول، استاد محمد يوسف، سجاد يوسف، الهڏنو خاصخيلي، الهڏنو جوڻيجو، محبوب خاصخيلي، ڦوٽو زرداري، الهداد زرداري، قاسم اوٺو، مٺو ڪڇي، جلال چانڊيو، انور وسطڙو، بادل راهي، ذوالفقار راهي، رجب فقير، ڪريم فقير، صادق فقير، مراد فقير، مصري ڏيپلائي، سرمد سنڌي، احمد مغل، راجا ذوالفقار علي، اسلم فقير، ۽ ٻين کوڙ سارن فنڪارن بلاول اوٺي جا گيت ڳايا جيڪي ڏاڍا مقبول ويا بلاول اوٺي جا مقبول گيتن ۾، ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو مٺا منهنجي پارت تو کي آ،  ڪارونجهر تي آئون اڪيلي، هڪ ماڻهو نه روئندو ٺهي نه کلندو ٺهي دليون، ڇڏي وئين ته ڇا ٿيو زمانو پيو هلندو ، منهنجا پيار پيارا اڃا ياد هوندئي ۽ ٻيا به کوڙ سارا گيت جيڪي مقبول ويا، عوام ڀرپور موٽ ڏني. عوامي شاعر بلاول اوٺو جي شاعري جا  ٻه ڪتاب  ٿوهر منهنجو من 1992ع ۽  گيت انوکا گهايل من 2017ع ۾ ڇپيا، جڏهن ته هڪ ڪتاب ڪارونجهر تي آئون اڪيلي ڇپائي هيٺ آهي. عوامي شاعر بلاول اوٺي کي مڃتا طور کوڙ سارا يوارڊ پڻ مليا جنهن ۾ سخي ادبي ڪاميٽي ٽنڊي جان محمد پاران 16 اپريل 1992ع تي پراڻ ايوارڊ، پاڪستان براڊ ڪارپوريشن حيدرآباد طرفان 15 ڊسمبر 1993ع تي، فوزيه سومرو ايوارڊ، 2005ع ۾ ماروئڙا ڪوآرڊينيشن ڪائونسل مٺي پاران ٿرپارڪر ايوارڊ، لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ، سنگت ايوارڊ ۽ انهيءَ کان علاوه کوڙ سارا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن. **** ٻيلو شھرمان شعيب الرحمان موجب پريس ڪلب ٻيلو ۾ سنڌ جي مشھور شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين ساگراه ملهائي وئي. ٿر سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ارڏي ڏاهي ۽ مشھور شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين سالگره جي تقريب پريس ڪلب ۽ لاڙ سوشل نيٽ ورڪ طرفان ڪيڪ ڪاٽي ملهائي وئي جنهن ۾ صحافين بلاول اوٺو جي شاگرد صحافي  ممتاز ڪنڀر پريس ڪلب جي صدر پريل گهوٽو خالد طاهراڻي  معيز ميمڻ  شعيب ميمڻ عبدالرزاق سهتو شوڪت هالو نظام هالو فهيم ميمڻ جبار ٻجورو لاڙ سوشل نيٽورڪ جي اڳواڻ وجاهت شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بلاول اوٺو  سنڌ جو بهترين شاعر آھي.

Photo Sindhyar

سندس لکيل گيت فوزيه سومرو الهڏنو جوڻيجو سميت سنڌ جي سمورن فنڪارن ڳايا آھن هنن چيو ته بلاول اوٺي جي شاعري ۾ پيار محبت پاٻوه سمايل آھي سندس لکيل گيت عوام وڏي شوق سان ٻڌي ٿي هنن چيو بلاول اوٺو سنڌ جو اثاثو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو